اسلام آباد)بيورو رپورٽ) 3 سالن جي بجيٽ حڪمت عملي پيپر ايندڙ هفتي وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي دفاعي بجيٽ ۾ 1.7 کرب رپيا مختص ڪرڻ جو امڪان آهي، هن سال دفاعي بجيٽ ۾ 1.56 کرب رپيا مختص ڪيا ويا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ خسارو ايندڙ مالي سال دوران جي ڊي پي جو 6.4 سيڪڙو رکڻ جي تجويز آهي.ايندڙ مالي سال دوران مجموعي خسارو 5.1 سيڪڙو رهندو، بجيٽ خساري جو مجموعي سرپلس جي ڊي پي جو 0.3 سيڪڙو هجڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي.ذريعن موجب ايف بي آر پاران ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس وصولي جو هدف 9.2 کرب رپيا مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.30 جون تي ختم ٿيندڙ مالي سال ۾ ٽيڪس جي مد ۾ 7.2 کرب رپيا جمع ٿي سگهيا. ايف بي آر ايندڙ بجيٽ ۾ وڌ ۾ وڌ 8.6 ٽريلين رپين جو هدف مقرر ڪرڻ چاهي ٿو.ذريعن ٻڌايو آهي ته ايندڙ مالي سال دوران ترقي جي شرح 3.4 سيڪڙو ۽ مهانگائي جي شرح 21 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.ايندڙ مالي سال دوران ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ 8 ارب ڊالر مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي.










