بجيٽ جي منظوري کانپوءِ آءِ ايم ايف سان قرض جو معاهدو ٿيندو

بجيٽ جي منظوري کانپوءِ آءِ ايم ايف سان قرض جو معاهدو ٿيندو

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ ڳالهيون هاڻي بجيٽ جي منظوري کانپوءِ ٿينديون جنهن ۾ قرضن جي معاهدي تي صحيحون ڪيون وينديون. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ جي منظوري کانپوءِ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني عملدارن وچ ۾ ڳالهيون 28 جون تي ٿينديون، جنهن کانپوءِ پاڪستان طرفان ناڻي وارو وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر قرض جي معاهدي تي صحيحون ڪندو. ذريعن موجب پاڪستان قرض پروگرام کي 6 سئو ارب مان وڌائي 8 ارب ڊالر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ آءِ ايم ايف کي به قرض جي مدي ۾ هڪ سال وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پاڪستان چاهي ٿو ته اهو پروگرام 2023 بدران 2024 تائين هلي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ 10 هزار ارب رپين جي لڳ ڀڳ هوندي، پهرين جولاءِ کان پيٽروليم شين تي 11 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو ۽ پيٽروليم شين تي 50 رپيا في ليٽر ليوي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پيٽروليم شين تي في ليٽر 5 رپيا في ليٽر لڳائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽيڪس وصولي جو هدف 7005 کان وڌائي 7450 ارب رپيا ڪرڻ، ڪسٽم ڪليڪشن جو هدف 950 ارب رپين مان وڌائي 1005 ارب رپيا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته انڪم ٽيڪس وصولي جو هدف 55 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب پاليسي فريم ورڪ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ پاڪستان حوالي ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو