اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) نيشنل پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي درخواست ڪئي آهي ته فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 6 رپيا 10 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وڃي. سي پي پي اي جنوري ۾ استعمال ٿيندڙ ايندھن جي اضافي قيمت تي بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي ٽيرف ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو آهي. نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ بابت درخواست تي 28 فيبروري تي آن لائن ٻڌڻي ڪندو. سي پي پي اي موجب جنوري ۾ هائيڊل ذريعن مان 512.94 گيگا واٽ يا 5.83 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، جڏهن ته 33.15 سيڪڙو يعني 2916.70 گيگا واٽ بجلي ڪوئلي مان پيدا ڪئي وئي. سي پي پي اي جي درخواست موجب جنوري ۾ ڊيزل مان 6.73 سيڪڙو ۽ فرنس آئل مان 14.07 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، جڏهن ته گئس مان 14.37 سيڪڙو ۽ ايل اين جي مان 7.12 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. ان کان علاوه 14.37 سيڪڙو بجلي ايٽمي ٻارڻ مان پيدا ڪئي وئي. درخواست موجب جنوري ۾ مختلف ذريعن مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي قيمت ريفرنس فيول چارجز جي ڀيٽ ۾ 6.1060 رپيا في ڪلوواٽ وڌيڪ هئي. واضح رهي ته نيپرا ڊسمبر ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيا 9 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي هئي.










