اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سيڪريٽري پاور ڊويزن انڪشاف ڪيو آهي ته بجلي ڪمپنين جي هڪ لک 90 هزار ملازمن کي ساليانو 15 ارب جي مفت بجلي ڏني ويندي آهي.سينيٽر محسن عزيز جي صدارت هيٺ سينيٽ جي توانائي بابت قائمه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سيڪريٽري پاور ڊويزن آءِ پي پيز ۽ بجلي جي معاملن تي بريفنگ ڏني.سيڪريٽري پاور ڊويزن ٻڌايو ته اسان جي انڊسٽري جي بجلي جي طلب 25 سيڪڙو آهي ۽ اسان جي انڊسٽري جي کهپت وڌيڪ گهٽ ٿي رهي آهي. اسان جو 10 کان 11 هزار ميگاواٽ لوڊ پکن جو آهي جڏهن ته سياري ۾ لوڊ 11 هزار ميگاواٽ تائين هوندو آهي.سيڪريٽري پاور وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل سال انڊسٽري مان 244 ارب کڻي گهريلو صارفين کي ڏنا ويا، 400 يونٽس وارن اڍائي ڪروڙ صارفين کي 592 ارب سبسڊي ڏني ويندي هئي جيڪا هاڻ 692 ارب تائين ٿي وئي آهي.سيڪريٽري پاور ڊويزن موجب مفت بجلي صرف بجلي ڪمپنين، واپڊا ۽ جنڪوز ملازمن کي ملندي آهي، بجلي ڪمپنين جي هڪ لک 90 هزار ملازمن کي ساليانو 15 ارب جي مفت بجلي ڏني ويندي آهي جڏهن ته هڪ ملازم کي هڪ سال دوران 78 هزار روپين جي بجلي مفت ڏني ويندي آهي.سيڪريٽري پاور ڊويزن چيو ته جيڪڏهن هڪ پلانٽ سڄو سال بند رهيو ته ان کي پوءِ به ادائگي ڪنداسين اسان انهي لاءِ پلانٽس نٿا هلايون ته اهو اسان جي واري ۾ نٿو اچي. ان جي بجلي تمام وڌيڪ مهانگي آهي، اسان صرف ڪيپسٽي پيمنٽ ئي ڏيندا آهيون، جنهن تي سينيٽر محسن عزيز چيو ته آءِ پي پيز هڪ ازدها بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته ماڻهو روڊن تي آهن.ان موقعي تي وفاقي وزير توانائي چيو ته اسان جي ڪمپنين وٽ ريئل ٽائم ڊيٽا موجود نه آهي. ڪمپنين ۾ ايڊوانس ميٽرنگ سبب ڀروسي جوڳي ڊيٽا اچي سگهندي. آءِ پي پيز کان جيڪڏهن 5 روپيه به نڪري سگهيا ته عوام کي رليف ڏينداسين، بجلي چوري جو اختتام نجڪاري ۽ ڊيجيٽيلائزيشن سان ٿيندو.










