بجلي في يونٽ 27 پئسا واڌ ڪرڻ جي درخواست جمع

بجلي في يونٽ 27 پئسا واڌ ڪرڻ جي درخواست جمع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) ڪراچي سميت ملڪ جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 27 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست داخل ڪئي آهي.سي پي پي اي موجب مارچ دوران ڪل 8.939 ارب يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، جڏهن ته ڊسڪوز کي 8.644 ارب يونٽ فراهم ڪيا ويا.دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته مارچ لاءِ في يونٽ ايندھن جي اندازي مطابق قيمت 7.99 رپيا هئي، پر اصل قيمت وڌي 8.26 رپيا في يونٽ ٿي وئي.سي پي پي اي موجب مارچ ۾ هائيڊرو مان 23.55 سيڪڙو، مقامي ڪوئلي مان 16.76 سيڪڙو، درآمد ٿيل ڪوئلي مان 13.80 سيڪڙو ۽ درآمد ٿيل ايل اين جي مان 5.64 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي.ساڳئي طرح، فرنس آئل مان 1.02 سيڪڙو، مقامي گئس مان 11.34 سيڪڙو ۽ نيوڪليئر فيول مان 21.95 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي.قابل تجديد ذريعن مان، 3.46 سيڪڙو بجلي هوا مان ۽ 1.18 سيڪڙو شمسي توانائي مان پيدا ڪئي وئي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته هي درخواست مارچ جي ايندھن جي قيمت جي ترتيب جي حوالي سان داخل ڪئي وئي آهي، جنهن جي ٻڌڻي 28 اپريل تي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو