مريدشاخ (ارشد فيض گهنڃو) شهر ۾ ڪم ڪرڻ دوران سترهن سالن جو نينگر محمد عارب چاچڙ صحافي عبدالله چاچڙجو ڀاڻيجو بجلي جي يارهن هزار تارن مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو. نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. واضح رهي ته مريدشاخ واسين ڪيترا دفعا سيپڪو جي ايس ڊي او ۽ اعليٰ عملدارن کي آگاه ڪيو پر انهن جي ڪن تي جون به نه چري آهي.










