بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست نيپرا ۾ جمع

بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست نيپرا ۾ جمع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) نيپرا کي بجلي جي قيمت ۾ 19 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست جمع ڪرائي آهي.نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) موجب، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي پاران جمع ڪرايل درخواست جي تحت، آگسٽ لاءِ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي حصي طور بجلي جي قيمت ۾ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي. بهرحال، درخواست جي ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تي ٿيندي.نيپرا جو چوڻ آهي ته آگسٽ ۾ بجلي جي في يونٽ فيول جي قيمت 7.31 رپيا لڳائي وئي هئي.ٻئي طرف، ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن درخواست منظور ڪئي وئي ته ملڪ جي صارفين تي 3 ارب رپين جو اضافي بار پئجي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو