اسلام آباد(بيورو)سڄي ملڪ ۾ بجلي جي طلب ۾ واڌ سان وڏن شهرن ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو وڌي ويو آهي. ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي جي طلب 28 هزار ميگاواٽ کان وڌي وئي آهي جڏهن ته پيداوار 22 هزار 500 ميگاواٽ آهي جنهن سبب بجلي جو شارٽ فال 6500 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي. ذريعن موجب بجلي جو شارٽ فال وڌڻ سبب شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو 6 کان 8 ڪلاڪن کان به وڌي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ليسڪو ۾ ٽرپنگ شروع ٿي وئي آهي ۽ ان جو شارٽ فال 600 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته ڊسڪو ۾ به هاءِ لاسس فيڊرز تي لوڊشيڊنگ وڌي وئي آهي.










