ٽنڊوباگو (رپورٽ:ڄام سھيل سمون) اٺن ڏينھن کان پاڻي بند، بجلي بند، مڇرن جو آزار، ننڍا وڏا بيمار، ننڊون حرام، انتظاميا پھنجا نوازي ۾ پوري متاثرن الزام هڻدي احتجاج ڪيو . شھر جي وارڊ نمبر هڪ جي شيدي محله ۽ بخردار شاھ علائقي جي رهواسين آچار ملاح، عبدالجبار ساٽي، برڪت راهمون، غلامو شيدي، رجب ملاح، پنھون، قادر، ديدار، مير ملاح ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آھي ته گذريل اٺن ڏينھن کان گھرن مان برساتي ۽ گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ، بجلي جو ٽرانسفارمر خراب هجڻ سبب ۽ مڇرن جي آزار جي ڪري راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آھيون.

پيئڻ جي صاف پاڻي ڦڙي لاء پريشان آھيون، ٻار ٻچا مليريا، چمڙي جي بيمارين، پيٽ جي بيمارين سميت ٻين موذي مرضن ۾ وٺجي ويا آھن پر اسانجي ڪير سار لھڻ وارو به ڪونھي۔ هنن الزام هڻندي چيو ته انتظاميا من پسند ۽ سفارشي ماڻھن جي گھرن ۽ علائقن مان پاڻي ڪڍرائي رهي آھي.










