ڀريا روڊ( ن سنڌيار) وارڊ نمبر 5 جي بجلي جو ٽرانسفارمر گذريل 25 ڏينهن کان سڙي وڃڻ خلاف رھواسين عيدگاھ سامھون نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن مھر الله کوکر مشتاق ملاح سوڍو خان چانڊيو غلام حيدر اڄڻ ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته سيپڪو ڀرياروڊ وارن کي ٽرانسفارمر لڳائڻ لاء ڪيترائي ڀيرا چيو آهي پر سيپڪو وارا ٻڌڻ لاء تيار نه آهن اسان جي پاڙي جو ٽرانسفارمر گذريل 25 ڏينهن کان خراب پيل آهي جيڪو ھو لاھي ويا آهن جنهن جي مرمت لاء ڳري رشوت گهري رھيا آهن بجلي نه ھجڻ ڪري مقامي مسجدن مدرسن ۽ پاڙي جي سمورن گهرن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي سخت گرمي ٻوسٽ ۽ مڇرن جي ڪري راتيون جاڳڻ تي مجبور آھيون. هنن مطالبو ڪيو ته سندن سڙيل ٽرانسفارمر ٺاهي ڏنو وڃي.










