لاهور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان بجيٽ ۾ پيٽرول، بجلي ۽ گيس تي لڳايل ٽيڪس کي رد ڪندي سموري ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.منصوره ۾ سموري ملڪ مان آيل نوجوانن کي آن لائن خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي بجيٽ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ آئنده هڪ ٻن ڏينهن ۾ اهم اعلان ڪندي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي عوامي حقن جي جدوجهد جي لاءِ تيار رهن ۽ تحريڪ ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. دنيا ۾ ايندڙ وڏيون تبديليون ۽ انقلابي تحريڪن ۾ نوجوانن هميشه مُک ڪردار ادا ڪيو آهي. جماعت اسلامي نوجوانن سان رابطن جو سلسلو جاري رکندي ۽ انهن کي جلد آئنده جي لائحه عمل کان آگاهه ڪيو ويندو.حافظ نعيم الرحمان چيو ته عوام کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي. هن واپاري برادري کي به اپيل ڪئي ته اهي عوام دشمن پاليسين جي خلاف آواز بلند ڪرڻ ۾ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏين. هن چيو ته اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي جيڪو عدل، مساوات ۽ انسانيت جي فلاح جو پيغام ڏئي ٿو. انهي موجب جماعت اسلامي انهي فڪر جي بنياد تي معاشري ۾ مثبت تبديلي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. گڏجي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي جماعت اسلامي جي امير چيو ته عوام جي حڪمراني جي حق کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي، ملڪ ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي.هن ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ انفرااسٽرڪچر، صحت ۽ تعليم جي مسئلن جو ذڪر ڪندي چيو ته عوام مسلسل پريشانين کي منهن ڏئي رهي آهي. هن پيٽروليم ليوي ۽ بجلي جي شعبي بابت حڪومتي پاليسين کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته عوام تي ڳري ٽيڪسز جو بار وڌو پيو وڃي، پر انهن کي مناسب سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن.هن چيو ته پگهاردار طبقي سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي. جڏهن ته مراعات يافته طبقو گهٽ بار برداشت ڪري رهيو آهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪرپشن ۽ بدانتظامي سبب عوام بنيادي سهوليتن کان محروم آهن. هن نوجوانن کي جماعت اسلامي جي پليٽ فارم سان جڙيل هجڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته ڳوٺ، پاڙن ۽ يوسي جي سطح تي يوٿ چونڊون ڪرايون وڃن ته جيئن نوجوان قيادت کي اڳيان آڻي سگهجي.منشيات جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته لکين نوجوان انهي مسئلي سبب متاثر ٿي رهيا آهن. هن نوجوانن کي منشيات کان پري رهڻ، قرآن پاڪ جو مطالعو ڪرڻ ۽ سيرت النبي صه مان اڳواڻي حاصل ڪرڻ جي تلقين ڪئي. هن چيو ته جماعت اسلامي جي بنو قابل پروگرام ذريعي نوجوانن کي هنر، اخلاقي تربيت ۽ راندين جي سرگرمي جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. جڏهن ته هر سطح تي انهن جي سرپرستي ڪئي ويندي.آزاد ڪشمير ۽ ٻين علائقن جي مسئلن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪشمير، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ گلگت بلتستان سميت ملڪ جي سمورن علائقن جا مسئلا انصاف ۽ عوامي شموليت جي ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته مسئلن کي دٻائڻ، ماڻهن کي جيلن ۾ وجهڻ يا غداري جا الزام لڳائڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا پر مڪالمي ۽ انصاف سان ئي پائيدار حل ممڪن آهي.










