پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته وفاقي ۽ پنجاب حڪومت پي ٽي آءِ باني سان بدترين رويو اختيار ڪيو آهي انهي کي جيل ۾ سهولتون به نه پيون ڏنيون وڃن.پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته ڪڏهن پي ٽي آءِ باني جي بجلي بند ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن ماني نٿي ڏني وڃي. وفاقي ۽ پنجاب حڪومت کي وارننگ ڏيان ٿو ته پي ٽي آءِ باني طرفان ڪابه شڪايت ملي ته اسان پورو ملڪ بند ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته حڪومت اسان کي مجبور ڪري رهي آهي ته اسان پرامن نه رهون.ٻئي طرف وزيراعليٰ هائوس ۾ جلسي بابت اجلاس جي اندروني ڪهاڻي به سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ وڏي وزير پشاور جلسي جي لاءِ شهر جي هر تڪ مان هڪ هزار ڪارڪن آڻڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته ٻين ضلعن مان هر ايم پي اي کي 500 کان وڌيڪ ڪارڪن آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب ميمبرن مردان ۾ جلسو ڪرڻ جي تجويز ڏني ته علي امين گنڊاپور جلسو ڪرڻ جي تجويز ڏني ته علي امين گنڊاپور چيو ته پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي جلسو پشاور ۾ ڪري رهيا آهيون ۽ انهي ۾ ڪابه رنڊڪ نه هوندي.










