اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) قومي اسيمبلي جي وڌيڪ 35 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ کانپوءِ مطالبو ڪيو آهي ته باقي ميمبرن جون استعيفائون به منظور ڪيون وڃن.شاهه محمود قريشي جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ جو وفد اسپيڪر قومي اسيمبلي جي چيمبر ۾ پهتو پر قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيمبر ۾ موجود نه هو. اهڙن خيالن جو اظهار پي ٽي آءِ اڳواڻن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسان کي اسيمبليءَ ۾ گهرايو هو، هن چيو ته مان اهڙيون استعيفائون قبول نه ٿو ڪري سگهان، ڇا جن جون استعيفائون قبول ڪيون ويون هيون انهن کي اسپيڪر سڏايو هو؟ اسد قيصر جو چوڻ آهي ته اهو غير قانوني آهي، جمهوريت جي نالي تي مذاق آهي، اسان چاهيون ٿا ته اسان جا ايم اين اي اسيمبلي ۾ وڃن.فواد چوڌري چيو ته اسان مجبور، لاچار پارليامينٽ جي سامهون بيٺا آهيون، اسپيڪر چوندو هو ته 17 کان 18 ماڻهو رابطي ۾ آهن، مان کانئس پڇان ٿو ته اهي 17 کان 18 ماڻهو ڪٿي آهن؟ هن چيو ته پاڪستان اڄ وڏي سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آهي، خدشو آهي ته اسان سريلنڪا جهڙي صورتحال ڏانهن وڃي رهيا آهيون.هنن چيو ته هاڻ جيڪا حڪومت آهي اها رڳو 36 سيڪڙو نمائندن جي آهي، بند ڪمرن جا فيصلا ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب عوام بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان جي 81 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪيون ويون آهن، اسان کي عام چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي.ان موقعي تي اسد عمر چيو ته ملڪ هر گذرندڙ ڏينهن سان تباهي جي دلدل ۾ دٻجي رهيو آهي.شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ اسپيڪر پنهنجي عمل سان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو ايوان جو نگران ناهي، منهنجي خط جي جواب ۾ اسپيڪر چيو ته هو اجتماعي استعيفائون قبول نٿا ڪري سگهن.هن چيو ته اسان اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو، انهن اجلاس ملتوي ڪيو، اسان اسيمبلي ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو، وڌيڪ 35 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اسان باقي ميمبرن کي اسيمبلي ۾ آندو، توهان اسان جي 81 ميمبرن کي ڊي نوٽيفڪيشن ڪيو، باقي اسان انهن کي به منظور ڪرائڻ لاءِ آندو.شاهه محمود قريشي چيو ته جيستائين سندن ڪيس آهن تيستائين هو اسيمبلي کي ڊگها ڪندا.هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته نيون چونڊون ٿيون، اسان چاهيون ٿا ته عوام فيصلو ڪري، هو معيشت کي مستحڪم نه ڪري سگهيا، دهشتگردي ٻيهر وڌي رهي آهي.










