ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)نگران وڏي وزير مقبول باقر جي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار آمد جي موقعي تي وڪيلن جو ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ سنڌ جي زمينن جي امڪاني نيلامي خلاف احتجاج، نگران وڏي وزير اين آءِ سي وي ڊي طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيسٽ پين يونٽ جو افتتاح ڪيو، احتجاج ڪندڙ وڪيلن چيو ته ڪارونجهر رڳو پٿرن جو ڪو ڍير نه پر سنڌ جو تهذيبي ماڳ آهي، اسسٽنٽ ايڊوڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل جا عهدا ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڏيڻ سنڌ جي وڪيلن سان غداري ۽ آئين سان ڀڃڪڙي آهي










