جنرل باجوا مارشل لا لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي: خواجه آصف

جنرل باجوا مارشل لا لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي: خواجه آصف

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) قمر جاويد باجوه مارشل لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.دفاعي واري وزير خواجه آصف اهڙو بيان نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ڏنو. خواجه آصف انڪشاف ڪيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر9 قمر جاويد باجوه مارشل لا جي ڳالهه اڪيلي منهنجي سامهون ئي نه پر ڪيترن ئي ماڻهن جي وچ ۾ ڪئي هئي.پروگرام جي ميزبان طرفان پڇيو ويو ته ڇا مارشل لا جي ڌمڪي تي جنرل(ر) قمر جاويد باجوه جو احتساب نه ٿيڻ گهرجي؟ جنهن تي خواجه آصف چيو ته اسان ڪير ٿيندا آهيون، باجوه جو احتساب ڪرڻ وارا

پهنجو تبصرو موڪليو