ميرپور ماٿيلو/گهوٽڪي/ خانپور مهر (نمائندن وٽان) سنڌ جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ لنڊ گروپ جي سردار مير بابر علي خان لنڊ کي پيپلزپارٽي ضلعي گهوٽڪي جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي. جنهن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. اهڙو نوٽيفڪيشن صوبائي صدر نثار کهڙو پاران جاري ڪيو ويو آهي. مير بابر خان لنڊ جي صدر ٿيڻ تي پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي. مير بابر خان لنڊ، قبيلي جي سردار فياض خان لنڊ جو ننڍو ڀاءُ ۽ عوام سان ميل ملاپ وارو هر دلعزيز ماڻهو آهي. اڳ ۾ فنڪشنل ليگ م به رهيو جنهن کي ڇڏي هن پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪئي هئي. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير علي محمد خان مهر جي وفات سبب خالي ٿيل قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 205 تي گذريل سال جولاءِ ۾ ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جو سردار محمد بخش خان مهر ڪامياب ٿيو هو. سندس مقابلي ۾ ڀاڻج احمد علي مهر بيٺو هو جنهن کي پي ٽي آءِ، پير پاڳارو واري جي ڊي اي، جي حمايت به حاصل هئي پر هو هارائي ويو هو. ان چونڊ مهم ۾ سردار بابر خان لنڊ سردار محمد بخش خان مهر جي حمايت ڪئي هئي ۽ ٻنهي پاڻ ۾ ٽوپين جي مٽا سٽا ڪندي چيو هو ته ٻروڄ ۽ ڄاموٽ جو فرق مفاد پرست ڌرين پيدا ڪري عوام ۾ ويڇا وڌايا آهن. ذريعن جو چون آهي ته کيس ضلعي صدر بڻائڻ م سردار محمد بخش خان مهر جو اهم ڪردار آهي. گهوٽڪي ضلعي ۾ مهر ۽ لنڊ قبيلي جا سردار ڦرندا گهرند ا رهيا آهن پر پارٽي صدارت ڪڏهن به سندن وٽ ناهي رهي.

ڌاريجا 1988 کان پيپلزپارٽي سان گڏ بيٺل آهن پر گذريل اليڪشن ۾ ڄام سيف الله خان جميعت جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهيو هو پر هارائي ويو هو. سندس ننڍو ڀاءَ ڄام اڪرام پي پي ۾ رهيو ۽ پنوعاقل ضلعي سکر مان ڪامياب ٿيو هو، جيڪو صنعتن ۽ تجارت جو صوبائي وزير به آهي. ايڊوڪيٽ سيد لطيف شاهه اڳ ۾ پي پي جو ضلعي صدر رهيو پر هن مبينه طور پارٽي سان غداري ڪندي مهر گروپ جي حمايت ڪئي هئي. مهر گروپ جيڪو سدائين اقتدار جو حصو رهيو آهي انهن لطيف شاهه تي جڙتو هڪ ڇوڪر سان بدفعلي جو ڪيس ڪرايو هو ان بعد هو ساڻن گڏجي ويو هو. جنهن بعد کيس پارٽي مان نيڪالي ملي هئي. سيد نادر شاهه به پارٽي جو ڄائي ڄم کان گڏ آهي ۽ محترمه بينظير ڀٽو به کيس تمام گهڻو ڀائيندي هئي پر بيماري سبب هن سرگرميون محدود ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب هن به بابر خان لنڊ جي صدر ٿيڻ تي اعتراض انهي ڪيو پر اصل حقيقت اها آهي ته سردار محمد بخش خان مهر سردار بابر خان لنڊ کي ضلعي صدر نامزد ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي ۽ ان جي حمايت سڪندر لاکو جيڪو پڻ ڄائي ڄم کان پي پي جي سڃاڻپ آهي، ان به سندس حمايت ڪئي هئي.










