بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج، وڌيڪ 24 نالا شامل

بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج، وڌيڪ 24 نالا شامل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا 24 نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سمري سرڪيوليشن ذريعي منظور ڪندي 24 نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏني.وفاقي ڪابينا اي سي ايل بابت ذيلي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ان کان علاوه پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، بابر اعواڻ جو نالو ڊسمبر 2023ع ۾ القادر ٽرسٽ ڪيس سبب اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو