لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي نمبر ون ٽي ٽوئنٽي بيٽسمين جي حيثيت خطري ۾ پئجي وئي آهي.ايشيا ڪپ ۾ بابر اعظم جي ڊگهي اننگز جي کوٽ سبب رينڪنگ ۾ تبديلي جو امڪان آهي.قومي ڪپتان 1000 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي تائين پهرين پوزيشن تي موجود آهي، هن ايشيا ڪپ ۾ هن وقت تائين 10، 9 ۽ 14 رنسن جي اننگز کيڏي آهي.بابر اعظم 810، محمد رضوان 796 ۽ سوريا ڪمار ياديو 792 رينڪنگ پوائنٽس آهن.ٻئي طرف محمد رضوان 192 رنسون ٺاهي ايشيا ڪپ جو ٽاپ اسڪورر آهي، جڏهن ته سوريا ڪمار ياديو هانگ ڪانگ خلاف 26 بالن تي 68 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.بابر اعظم محمد رضوان ۽ سوريا ڪمار ياديو ۾ نمبر ون پوزيشن لاءِ سخت مقابلو آهي.










