ٺڪراٺو (رپورٽر)ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ ووٽري ۾ لغاري برادري جي ماڻھن بااثرن جي ناجائزين ۽ ڇپري کي باھ ڏئي ڊيزل 220 ليٽر ۽ ٻيو سامان ساڙڻ خلاف احتجاج مخالفن مٿان کاتي واري زمين تي قبضو ڪرڻ جو الزام رپورٽ موجب ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ ووٽري ۾ لغاري برادري جي ماڻھن پاران بااثرن جي بي واجبين ۽ ڇپري کي باھ ڏئي ساڙڻ خلاف احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙ سوڀارو مولا بخش الاھي بخش لغاري ۽ ٻين دانھيندي الزام ھڻندي چيو آھي ته بااثر ميھارلغاري سندس پٽ محمد خان ۽ عالم لغاري گھر تي ڪاھ ڪري گھر جي ڇپري کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو آھي جنھن سبب 220 ليٽر ڊيزل ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آھي ھنن چيو ته بااثر مائٽ اسانجي کاتي واري زمين تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن جن مان جان جو خطرو آھي احتجاج ڪندڙن ڊي آ۽ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل ڌر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسين پاڻ ۾ مائٽ آھيون اسان جو زميني جھيڙو ھلندڙ آھي پر باھ لڳائڻ وارو الزام بلڪل بي بنيادآھي علائقي واسين کان جاچ ڪري شفاف انڪوائري ڪيئي وڃي










