بااثر پاران لڏائڻ جي ڌمڪي ڳوٺاڻن جو احتجاج

بااثر پاران لڏائڻ جي ڌمڪي ڳوٺاڻن جو احتجاج

اوٻاوڙو(ن سنڌيار)اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ ڏيوري جي بااثر چودري افضل آرائين پاران ڳوٺ خالي ڪرائڻ جي وارننگ ڏيئڻ بعد ڳوٺ ڏيوري جا رهواسي منگي برادر سراپا احتجاج بڻيل آھي متاثرين ميڊيا کي داهيندي ٻڌايو آھي ته اسين مسڪين ۽ بيسهارا آھيون اسان کي چودري افضل ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاء موتمار ڌمڪيون ڏيئي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي خدارا اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي انهن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسين 100 سال کان وٺي پنهنجي ڳوٺ ۾ رهائش پزير آھيون اسان خلاف روز ڪوڙيون پٽيشنون داخل ڪرائي ٿو اسان مسڪين پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪيون يا وري حاضرين ۽ وڪيلن جا پئسا ڀريون ۔خدارا اسان مٿان رهم ڪيو وڃي جڏهن ته اسان جو سول ڪيس عدالت سڳوري ۾ هلندڙ آھي عدالت سڳوري جيڪو فيصلو ڪري اسان کي قابل قبول آھي مگر اسان کي روزانو ڳوٺ نڪالي ڏيئڻ سراسر زيادتي آھي اسين آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کن مطالبو ٿا ڪريون ته هن معاملي جو نوٽس وٺي بااثر چودري افضل خلاف ڪاروئي ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسين پنهنجا ٻچا وٺي قرآن پڪ کڻي نيشنل هاء وي بلاڪ ڪري ڌرڻو ڏينداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو