بااثر جي چُرچ تي صحافيءَ تي ڪيس داخل، قلم ڌڻين جو احتجاج

بااثر جي چُرچ تي صحافيءَ تي ڪيس داخل، قلم ڌڻين جو احتجاج

ٺڪراٺو(حضرت گل) صحافين ۽ شاعرن جي اغوا جا واقعا رڪجي نه سگهيا سکر پوليس ۽ اغوا ڪار پاڻ ۾ ٻٽ بڻيل. گذريل ڏينهن صبح جي وقت پنوعاقل جي غريب آباد محلي مان صحافي عاشق جتوئي کي بااثر گروپ پاران هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڳوٺ شاهو انڍڙ (ٻٽر چاچڙ) ۾ لڪايو ويو جتي اغوا ڪارن پاران صحافي عاشق جتوئي کان سندس پاران داخل ڪرايل ڪيسن تان هٿ کڻائڻ لاءِ شديد تشدد جو نشانو بڻايو ويو. جنهن بعد ميڊيا ۽ صحافتي تنظيمن پاران احتجاج ڪرڻ ۽ سکر پوليس تي صحافي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو ته سکر پوليس بااثر کي فون ڪري صحافي پنهنجي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد صحافي کي روهڙي پوليس حوالي ڪيو ويو. روهڙي پوليس اغواڪار جي ونگار وهندي عاشق جتوئي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري سندس اغوا کي ڊرامائي انداز ۾ گرفتار ڄاڻائي روهڙي جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتان روهڙي جي عدالت صحافي کي جسماني رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي عاشق جتوئي وڪيلن ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنوعاقل جي غريب آباد محلي مان بااثر ۽ ڪجھ ٻين نقاب پوش ماڻهن پاران هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري گاڏي ۾ وجهي ڳوٺ شاهو انڍڙ (ٻٽر چاچڙ) آندو ويو جتي مون کان ڪيسن تان هٿ کڻائڻ لاءِ تشدد ڪري رهيا هئا ته انهن ڏي هڪ فون آئي جنهن بعد مون کي پوليس حوالي ڪيو ويو پوليس به مون تي دٻاءُ وجهندي رهي ته تون جيڪي ڪيس داخل ڪرايا آهن انهن تان هٿ کڻ نه ته تنهنجو حشر خراب ٿيندو. پوليس مون کي روهڙي عدالت کڻي پهتي جتي خبر پئي ته منهنجي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. صحافي عاشق جتوئي اپيل ڪندي چيو ته مان آءِ جي سنڌ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ هاءِ ڪورٽ، انساني حقن جي تنظيمن، صحافتي تنظيمن ۽ ٻين ادارن کي اپيل ٿو ڪريان ته مون کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن صحافي جي اغوا جي اطلاع تي وارث  پنوعاقل ٿاڻي تي پهتا ته پنوعاقل سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او صحافي جي وارثن کي اهو چئي چڪر ڪاٽرائيندو رهيو ته توهان ڊرامو رچائي رهيا آهيو صحافي عاشق جتوئي کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو ۽ صحافي جي وارثن جي فرياد داخل ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي سکر پوليس پاران صحافي مٿان مسلسل دهشتگردي جھڙا سنگين ڪيس داخل ڪرڻ خلاف پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پاران سڄي ملڪ ۾ ” آئو قلم جلائين ” تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو