بااثر جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج،زمين تان قبضو ڇڏائڻو جو مطالبو

بااثر جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج،زمين تان قبضو ڇڏائڻو جو مطالبو

ٽنڊو غلام حيدر ( ن سنڌيار) ٽنڊو غلام حيدر جي ڳوٺ عالي چانگ جي رهواسين جو زرعي زمين تي قبضي خلاف معصوم ٻارڙن سميت ڪڙيو گهنور روڊ شاه واھ بس اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ان موقعي تي ڳوٺاڻن صديق چانگ؛ محمد خان چانگ؛ غلام محمد چانگ؛ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ ٽنڊو غلام حيدر جي ديھ جوڻاٺي ۾ اسانجي 24 ايڪڙ زرعي زمين آھي جنهن جا اسان وٽ سمورا ڪاغذ موجود آھن پر هڪ بااثر ڌر زوري زبردستي اسان جي زمين تي قبضو ڪري اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو ڌمڪيون پيا ڏين هنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو تہ اسان مسڪينن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ بااثر قبضا مافيا شخص خلاف ترت قانوني ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو