دادو(ن سنڌيار) دادو جي ڳوٺ چاڪر خان لنڊ جي رهواسي عورتن ۽ مردن جو بااثرن جي مبينا ذيادتين خلاف دادو پريس ڪلب اڳيان ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين جان محمد لنڊ، مسمات تهمينا لنڊ، الطاف احمد لنڊ، مسمات صائمه لنڊ ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته مخالفن دادن لنڊ، ممتاز لنڊ، اميد لنڊ وارن جو پاڻ ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿيو آهي جنهن جي نتجي ۾ مخالفن اسان جي 6 ڳوٺاڻن خالد لنڊ، امتياز لنڊ، سونو، نديم لنڊ، ٽمو لنڊ ۽ عمران لنڊ مٿان دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا آهن، مظاهرين ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون کان مطالبو ڪيو ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن، مظاهرين پريس ڪلب اڳيان ايندڙ ويندڙ رستن تي رسن سان بند ڪري ٽريفڪ کي جام ڪري ڇڏيو.










