بااثر جي زيادتين خلاف سجاول روڊ ٻالوا چوڪ  تي احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

بااثر جي زيادتين خلاف سجاول روڊ ٻالوا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

جاتي (ن س) بااثر پٺاڻن پاران جاتي جي ساحلي پٽي تي قديمي ڍنڍ گڏاپ سميت سوين ايڪڙ زرعي زمين ٿيل قبضي خلاف رهواسين جو مين جاتي سجاول روڊ ٻالوا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا،ٻنھي پاسن گاڏين اچ وڄ بند مسافر سخت پريشان تفصيلن موجب جاتي شھر ۾ بااثر پٺاڻن پاران جاتي جي ساحلي پٽي جي قديمي ڍنڍ گڏاپ سميت سوين ايڪڙ زرعي زمين ٿيل قبضي خلاف اتان رهواسين جو مين جاتي سجاول روڊ باء پاس وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن ڪري ٻنھي پاسن گاڏين جي اچ وڃ بند ٿي وئي مسافر سخت پريشان ٿي ويا فيض محمد ڌانڌل،نياز ڌاندل غلام حسين ٻارڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 4 ڪلاڪن تائين نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو جاري رھيو مظاھرين سخت نعريبازي ڪندي ميڊيا وارن اڳيان دانهيندي چيو ته بااثر پٺاڻن کان ڍنڍ ۽ زمينون خالي ڪرائي قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ اسانجي احتجاجي تحريڪ جاري رھندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو