بائيڊن پاڪستان بابت غير ذميواراڻو بيان واپس وٺي: فواد چوڌري

بائيڊن پاڪستان بابت غير ذميواراڻو بيان واپس وٺي: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري آمريڪي صدر جو بائيڊن جي پاڪستان جي ايٽمي پروگرام بابت بيان تي ردعمل ڏنو آهي.فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سعودي عرب تائين جزوي پهچ ۽ هاڻي پاڪستان بابت غير ذميواراڻو بيان لڳي رهيو آهي ته صدر بائيڊن آمريڪي عوام ۾ گرجندڙ وقار تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو.فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته صدر بائيڊن پاڪستان بابت پنهنجا غير ذميواراڻو بيان فوري طور تي واپس وٺي، اسان جي موجوده قيادت ڪمزور ٿي سگهي ٿي پر عوام ڪمزور ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو