بائيڊن پاران گهر ڀاتين سميت 2500 ماڻهن لاءِ عام معافي جو حڪم

بائيڊن پاران گهر ڀاتين سميت 2500 ماڻهن لاءِ عام معافي جو حڪم

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)چارج ڇڏڻ کان اڳ آمريڪي صدر جو بائيڊن ڪيترن ئي آفيسرن ۽ ويجهن خاندان جي ميمبرن کي ‘وقت کان اڳ’ معافي ناما جاري ڪيا، نئين ٽرمپ انتظاميه جي ممڪنه سياسي انتقام هيٺ عدالتي ڪاروائي کان بچڻ لاءِ هن ويندي ويندي اهڙو حڪم جاري ڪيو. وائيٽ هائوس موجب هڪ غير معمولي قدم طور بائڊن آمريڪا جي جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي، 2021 جا نتيجا قبول نه ڪرڻ وقت ٽرمپ جي حامين پاران ڪيپيٽل هل تي هنگاما ڪرڻ جي جاچ ڪندڙ ۽ شهاديون رڪارد ڪرائيندڙ سرڪاري ملازمن ۽ پوليس آفيسرن سميت پنهنجي گهر ڀاتين کي به هن قانوني ۽ ڪاروائي کان بچڻ لاءِ صدارتي معافي جو حڪم جاري ڪيو. ڊونلڊ ٽرمپ، جنهن گذريل رات آمريڪي صدر طور حلف کنيو هو، بار بار پنهنجي سياسي مخالفن خلاف ’انتقام‘ جو واعدو ڪيو هو ۽ ڪجهه ماڻهن خلاف فوجداري ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني هئي جنهن سبب بائيڊن اهڙو حڪم جاري ڪيو. معافي حاصل ڪندڙن ۾ رٽائرڊ جنرل مارڪ ملي ۽ وائيٽ هائوس جو ميڊيڪل ايڊوائيز انثوني فائوچي به شامل آهن. ٽرمپ جي صدارتي دور م مارڪ ملي چيو هو ته صدر ٽرمپ فاشسٽ حڪمرن آهي جيڪو ملڪلاءِ خطرناڪ آهي. فائوچي ڪووڊ ويڪسين جي معاملي تي ٽرمپ سان اختلاف ڪيو هو. صدر ٽرمپ جي خواهش هئي ته هو وائرس ڦهلائڻ جو الزام چين تي هڻي، جنهن کان هن انڪار ڪيو هو. مجموعي طور هن 2500 ماڻهن کي معافي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو، جن ۾ ڪيترن ملزمن جي سزا گهٽائڻ به شامل آهي. هن پنهنجي پٽ هنٽر بائيڊن، ڀائرن جيمس بي بائيڊن، فرانسس ڊبليو بائيڊن، ڀيڻ ويلري بائيڊن اوونز ۽ سندس مڙس جان ٽي اوونز، ۽ ڀاڀي ساره جونز بائيڊن کي به معافي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو. جو بائيڊن چيو آهي ته صدر ٽرمپ پاران انتقامي ڪاروائي جو خدشو آهي ان ڪري مان معافي جو حڪم جاري ڪريان ٿو، جيڪو قانون موجب آهي ۽ مان ڪجهه غلط ناهي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو