بائنانس ۽ ايڇ ٽي ايڪس کي اين او سي جاري ٿي وئي

بائنانس ۽ ايڇ ٽي ايڪس کي اين او سي جاري ٿي وئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ورچوئل اسيٽس ريگوليٽري اٿارٽي، بائنانس ۽ ايچ ٽي ايڪس کي اين او سي جاري ڪري ڇڏي آهي.
پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل جي اعلاميي موجب، اين او سي ادارن سان گڏيل مشاورت ۽ باضابطه جائزي واري ڪارروائي کان پوءِ جاري ڪيو ويو آهي.
اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته بائنانس ۽ ايچ ٽي ايڪس کي پاڪستان ۾ شروعاتي تياريون ۽ مشاورتي سرگرميون شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته هي اين او سي مڪمل آپريٽنگ لائسنس ناهي.
ان حوالي سان وزير خزانه محمد اورنگزيب چيو آهي ته اين او سي فريم ورڪ جو آغاز مالي نظم ۽ ذميوارانه جدت جي عزم جو ثبوت آهي. هن چيو ته پي وي اي آر اي دنيا جي پهرين اي آءِ تي هلندڙ ورچوئل اسيٽس ريگوليٽري اٿارٽي بڻجي رهي آهي. اٿارٽي ايووليشن سسٽم، رڪروٽمينٽ پورٽل ۽ اي آءِ اسسٽڊ ٽول متعارف ڪرايا آهن، جن سان نگراني جي صلاحيت ۾ نمايان بهتري آئي آهي.
هن چيو ته پي وي اي آر اي ريگوليٽري فريم ورڪ جي ايندڙ مرحلن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مقامي ۽ بين الاقوامي اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت جاري رکندي.
پاڪستان ورچوئل اسيٽ ريگوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين بلال بن ثاقب چيو ته اين او سي جاري ٿيڻ مڪمل لائسنس يافته ۽ ريگوليٽڊ ماحول ڏانهن پهريون قدم آهي. هن چيو ته ان سان صارفين جي تحفظ، مالي شفافيت ۽ ذميوارانه جدت کي بنياد بڻايو ويندو. پاڪستان جي ڊجيٽل مارڪيٽ ۾ هر ڪمپني کي شفافيت، گورننس ۽ رسڪ مينيجمينٽ جي اعليٰ ترين معيارن تي پورو لهڻو پوندو.
هن چيو ته پاڪستان دنيا ۾ ڪرپٽو اپنائڻ جي لحاظ کان ٽئين نمبر تي آهي، جتي 3 کان 4 ڪروڙ صارف موجود آهن، جڏهن ته پاڪستان سان لاڳاپيل سالياني ڊجيٽل اسيٽ ٽريڊنگ سرگرمين جو حجم 300 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو