ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)زڪوات جي ڪٽوتيءَ لاءِ اڄ سڄي ملڪ ۾ سموريون بئنڪون سرڪاري ٽرانزيڪشن لاءِ بند رهنديون.اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري بيان موجب بئنڪن جا ملازم معمول موجب ايندا پر سرڪاري ٽرانزيڪشن بند رهندا.جاري ڪيل پڌرائي موجب بئنڪنگ کاتو پهرين رمضان المبارڪ 23 مارچ تي عام موڪل سبب بند رهيو.واضح رهي ته 2023ع جي زڪوات جي ڪٽائي جي شرح 1 لک 3 هزار 159 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.










