اڻوڙندڙ ڪالن کي بلاڪ ڪرڻ لاِءِ واٽس ايپ جو فيچر متعارف

اڻوڙندڙ ڪالن کي بلاڪ ڪرڻ لاِءِ واٽس ايپ جو فيچر متعارف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اڪثر صارفين واٽس ايپ تي عجيب فون ڪالز کان پريشان آهن ۽ جيڪڏهن توهان فون کي خاموش نه ڪيو آهي ته اهو توهان کي ڪنهن به ملاقات يا اهم گفتگو جي وچ ۾ پريشان ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اهم ڪم جي وچ ۾ به اهي ناپسنديده ڪالون تمام گهڻو پريشان ڪنديون آهن، پر هاڻي انهن مان نجات حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. واٽس اپ بيٽا انفو جي هڪ تازي رپورٽ موجب، اينڊرائيڊ صارفين جن پنهنجي واٽس اپ کي اپڊيٽ ڪيو آهي، اهي هن فيچر مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.جئين توهان هن اسڪرين شاٽ ۾ ڏسي سگهو ٿا، ڪجهه بيٽا ٽيسٽرز اڻڄاتل ڪالرن کي خاموش ڪري سگهن ٿا، هي فيچر پرائيويسي آپشن ۾ واٽس ايپ سيٽنگز ۾ وڃي دستياب هوندو.هن فيچر تحت جيڪو به اڻڄاتل نمبر توهان کي ڪال ڪندو، توهان ان جي رِنگ ٽون نه ٻڌندا پر فون تي نوٽيفڪيشن ضرور ظاهر ٿيندو.مٿي ڄاڻايل فيچر توهان لاءِ ايترو مددگار ثابت ٿيندو ته اهو توهان جو وقت به بچائيندو ۽ توهان کي بار بار ناپسنديده فون ڪالز جو جواب ڏيڻ جي ضرورت نه پوندي.ھي فيچر ھن وقت ڪجھ اينڊرائڊ استعمال ڪندڙن لاءِ رول آئوٽ ڪيو ويو آھي ۽ جلد ئي سڀني لاءِ رول آئوٽ ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو