اڪيلو استاد به بدلي، اسڪول بند، ٻارڙن جو احتجاج

ڪشمور(اصغر علي چانڊيو ) عدالتي حڪم تي کليل پرائمري اسڪول کي ٽي اي او بند ڪرائي مقرر ڪيل استاد کي بدلي ڪري ڇڏيو، 60 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائڻ کان محروم، شاگردن جو اسڪول اڳيان تعليم دشمن ٽي اي او خلاف احتجاجي مظاهرو. 2 سال اڳ ڪشمور تعلقي جي يوسي کوسڪي ۾ عدالتي حڪم تي کليل مثالي سرڪار پرائمري اسڪول صادق خان مزاري مان ٽي اي او رفيق جکراڻي مقرر ڪيل استاد کي بدلي ڪري اسڪول کي تالو ھڻائي اسڪول بند ڪري ڇڏيو آهي.  ان ڏس ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين اسڪول مان استاد کي بدلي ڪرڻ تي تعليم دشمن ٽي اي او رفيق جکراڻي خلاف ھٿن ۾ ڪتابون کڻي بند پيل اسڪول اڳيان سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ھڪ سازش تحت  اسان جي اسڪول جي استاد کي بدلي ڪري تعليم پرائڻ کان محروم رکيو ويو آهي راشي عملدارن اڳ ۾ به اسڪول جي رڪارڊ ۾ ھيرا ڦيري ڪري سيمس ڪوڊ ٻئي اسڪول کي جاري ڪري ڇڏيو  هو. جنهن جي ڪري اسڪول ۾ بنيادي سھولتن جي به سخت کوٽ آهي ھڪ پاسي سنڌ حڪومت تعليمي معيار کي بھتر ڪرڻ لاء ڪوشان آهي ته ٻي طرف سفارشي ۽ نااھل ڪامورا آباد ٿيل اسڪولن کي بند ڪري تعليم کي برباد ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيا آهن ھنن شاگردن سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس، تعليم کاتي جي صوبائي وزير، تڪ جي چونڊيل نمائندن سميت ڊي سي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته اسڪول مان استاد کي بدلي ڪرائيندڙ تعليم دشمن ٽي اي او  خلاف ڪاروائي ڪري استاد جي بدلي روڪي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو