ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)باواني گروپ جي چيئرمين عمير امين باواني جي طرفان ٽن ڏينهن واري مفت اکين جي سرجيڪل ڪيمپ لڳائي وئي,جنهن جو افتتاح ريزيڊينٽ ڊائريڪٽر جاويد رياض سلهري , ڊاڪٽر محمد صديق ميمڻ , جي ايم ميرحسين خان پٺاڻ ۽ ڊي جي ايم آغا معشوق ڪيو, اکين جو ماهر ڊاڪٽرنثار احمد ميمڻ, ڊاڪٽرمقبول احمد ميمڻ ۽ صلاح الدين شيخ ۽ سندس ٽيم پنج سئو کان مٿي اکين جي مريضن جو علاج, سئو کان مٿي اکين جي مريضن جا آپريشن ڪيا ويا, مريضن کي مفت دوائون چشما ڏنا ويا ڪيترن ي مريضن کي لينسز پڻ لڳايا ويا ,ان موقعي تي ريزيڊينٽ ڊائريڪٽر جاويد رياض سلهري چيو ته فاران شگر مل ۾ غريب۽ بي پهچ ماڻهن جي لاء مفت اکين جي ڪيمپ هر سال لڳائي ويندي آهي جنهن ۾ سوين مريضن جو مفت علاج ڪيوويندو آهي ,هن سال به پنج سئو کان مٿي مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي انهن کي مفت دوائون,چشما ڏنا ويا ۽لينسزپڻ لڳايا ويا آهن,جڏهن ته سئو کان مٿي مريضن جو ڪامياب اکين جو آپريشن ڪيو ويو.










