سکر (جيرام داس )يونين ڪائونسل وڏي پٽڻي ۾ اڳوڻي يوسي چيئرمين حاجي محمد رمضان چنو جي تعاون سان مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ ميٽرو آئي ڪيئر جي ماهر ڊاڪٽرن سرجن راجيش ڪمار، ڊاڪٽر سرجن نويد احمد سومرو، ڊاڪٽر سرجن جوهر لعل، ڊاڪٽر وقار احمد شيخ، ڊاڪٽر سچل شاهه، ڪئمپ سپروائيزر اعجاز احمد شيخ مفت ڪئمپ تي فرائض سرانجام ڏئي اکين جي علاج لاءِ يونين ڪائونسل وڏي پٽڻي سميت آس پاس جي 350 کان مٿي علائقن واسين غريب مريضن جو چيڪ اپ ڪيو. 117 مريضن کي عينڪ ۽دوائون ڏنيون ويون 44 مريضن جون اکين جي سرجري ڪئي وئي. ان موقعي تي محمد حنيف چنا،رياض احمد چنا، ڪاشف علي سروهي، مهربان ميراڻي، زاهد علي چنا، مقيم جانوري، ۽مجيب چنا پاران لڳايل مفت ڪئمپ ۾ آيل مريضن ۽ڊاڪٽرن جي خدمت ڪئي ان موقعي تي لڳايل مفت اکين جي ڪئمپ ۾ آيل مريضن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان منتظمين جا شڪر گذار آهيون جن اسان کي گهر ويٺي علاج ڪيو.










