راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي طبيعت خراب ٿي وئي.اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد کي 16 جنوري تي پوليس 9 مئي سانحي ۾ ضمانت تي آزاد ٿيڻ تي گرفتار ڪيو هو.عدالت شيخ رشيد کي جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو هو، جتي خميس جي صبح سندس طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي منتقل ڪيو ويو هو.










