لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ زمان پارڪ ۾ آپريشن خلاف داخل توهين عدالت درخواست ۾ عمران خان روسٽرم تي آيو ۽ آپريشن جا تفصيل بيان ڪيا.ٻڌڻي دوران جسٽس طارق سليم شيخ پڇاڻو ڪيو ته عدالت ۾ عمران خان سان گڏ ڪهڙا گارڊ آهن؟ جيڪڏهن اهو پوليس آهي، ٺيڪ آهي، جيڪڏهن اهو نجي محافظ آهن ته ٻاهر وڃن.فواد چوڌري چيو ته هي عمران خان جي ذاتي سيڪيورٽي آهي، جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته سيڪيورٽي لاءِ پوليس وارا موجود آهن. ٻڌڻي دوران عمران خان روسٽرم تي آيو ۽ ٻڌايو ته منهنجي زال گهر ۾ هئي، گهر جا شيشا ٽوڙيا ويا، مان اسلام آباد ۾ هوس پٺيان پوليس منهنجي گهر جي تي ڪارروائي ڪئي.عمران خان چيو ته منهنجي زال گهر ۾ اڪيلي هئي، شيشي ٽٽڻ هن رڙيون ڪيون، گهر ۾ پوليس جي ڪارروائي جي وڊيو به موجود آهي.هنن چيو ته اڄ مان ڳجهي نموني عدالت پهتو آهيان، ان گاڏي ۾ آيو آهيان جنهن جي ڪنهن کي به خبر ناهي، اڄ بغير ڪنهن قافلي جي آيو آهيان، مون کي هنڌن تي رڪاوٽون وجهي روڪيو ويو آهي ته جيئن عدالت نه پهچي سگهان،جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته ميڊيا تي ويهي عدليه جو مذاق اڏائيندڙن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪندس، جيڪڏهن سموريون پارٽيون عدليه جو احترام نه ڪنديون ته توهين عدالت جي ڪارروائي ڪندس.عدالت پبلڪ پراسيڪيوٽر کي زمان پارڪ آپريشن بابت هدايتون کڻي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته اسان کي قانون موجب ڪم ڪرڻو آهي، اسان رڳو قانون جي ڳالهه ڪندا آهيون.جسٽس طارق سليم شيخ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










