اڄ ڪراچي ۽ لاهور جو مقابلو، ملتان ۽ ڪوئٽا جي ميچ رد

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڄ پاڪستان سپر ليگ فائيو جي 26 هين ميچ ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز جي وچ ۾ 7 وڳي شام شروع ٿيندي. ڪالهه 25هين ميچ لاهور قلندر ۽ ملتان سلطان ۾ بارش سبب رد ٿي وئي هئي ۽ ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو هو. بارش سبب ٽاس ئي نه ٿي سگهي هئي. ملتان سلطان اڳ ۾ ئي پلي آف مرحلي ۾ پهچي وئي آهي جڏهن ته دفاعي چيمپئن ڪوئٽه لاءِ هي ميچ اهم هئي ۽ هارائڻ جي صورت ۾ پلي آف ۾ به نه پهچي سگهي ها. پوائنٽ ٽيبل تي ملتان 12 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي ۽ ڪوئٽه 7 نمبرن سان آخري نمبر تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو