مظفرآباد(ويب ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڪشميري مهاجرن جي وڏي اهميت آهي ۽ اسان کي انهن جانين جي نذرانن سان آزادي ملي جن پنهنجو رت وهايو.ايل اي 36 ڄمون 3 ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته آزاد ڪشمير جون ڪيتريون ئي چونڊون ڏٺيون آهن، پر جنهن پس منظر ۾ هي چونڊون ٿي رهيون آهن، ائين اڳ ڪڏهن ناهي ٿيو. هي چونڊون ڪشمير ڪاز سان محبت ۽ ڪشميرين جي حفاظت جون چونڊون آهن. سندس چوڻ هو ته ڪشميري مهاجرن جي قدر ۽ قيمت تمام گهڻي آهي، اسان کي انهن ماڻهن جي قربانين سان آزادي ملي جن رت وهايو. ڪشمير ۾ ويهي پاڪستان جو نعرو هڻندڙ سوين نوجوانن کي کنيو ويو جيڪي گهر واپس نه پهتا؛ ڇا برطانيه ۾ ويٺل ڪشميري انهن قربانيون ڏيندڙ ڪشميرين جي برابر ٿي سگهي ٿو؟ قائداعظم چيو هو ته ڪشمير اسان جي ساهه جي رڳ آهي، ۽ اڄ پاڪستان ۽ ڪشمير جي لازوال رشتي کي چيلينج ڪيو پيو وڃي. دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته ڪو قربانين سان رشتو جوڙيندو آهي ته ڪو گهر ويٺي. چار سالن ۾ چار هزار کان وڌيڪ قربانيون ڏيندڙ فوج کي گارگند ڪيو وڃي ٿو. فيلڊ مارشل جو رشتو وطن سان محبت آهي، شهيدن ۽ غازين کي سلام آهي جن وطن جي عزت رکي. پاڪستان جو نالو ايران ۽ آمريڪا جي جنگ جي ڪري هر ٿوري دير بعد ٽي وي تي نظر اچي رهيو آهي.










