اڄ ”يومِ استحصالِ ڪشمير“ ملهايو پيو وڃي ، ڀرپور ٻڌيءَ جو اظهار

اڄ ”يومِ استحصالِ ڪشمير“ ملهايو پيو وڃي ، ڀرپور ٻڌيءَ جو اظهار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ اڄ ”يومِ استحصالِ ڪشمير“ ملهائيندي ڪشميري عوام سان ڀرپور ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو پيو وڃي. هي ڏينهن 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت پاران والاريل جمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪرڻ جي شوم فيصلي جي ياد ڏياري ٿو، جڏهن ڀارتي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35-اي کي منسوخ ڪري رياست کي ٻن وفاقي اکائين (جمون ڪشمير ۽ لداخ) ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو هو. ياد رهي ته آرٽيڪل 370 تحت والاريل ڪشمير کي پنهنجو آئين، الڳ جهنڊو ۽ داخلي اختياريون حاصل هيون، جڏهن ته آرٽيڪل 35-اي مقامي آباديءَ جي حقن جو تحفط ڪندو هو. 5 آگسٽ کانپوءِ واديءَ ۾ سخت ڪرفيو لاڳو ڪري مواصلاتي نظام معطل ڪيو ويو ۽ هزارين اضافي فوجي مقرر ڪري ڪشميري اڳواڻن کي تحويل ۾ ورتو ويو هو. پاڪستان ان قدمن کي غيرقانوني قرار ڏيندي سفارتي تعلقات محدود ڪيا هئا ۽ هر سال 5 آگسٽ تي يومِ استحصال ملهائڻ جو سلسلو جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو