اڄ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد تربت۾ 46 ڊگري رهيو

اڄ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد تربت۾ 46 ڊگري رهيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به گرمي جي شدت برقرار رهي، جڏهن ته تربت ۾ سڀ کان وڌيڪ 46 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي موجب سبي ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جڏهن ته نوڪنڊي، دالبندين، شهيد بينظير آباد ۽ دادو ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
مختلف شهرن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ۽ وڌ ۾ وڌ گرمي پد هن ريت رهيو:
اسلام آباد 22/37، لاهور 23/36، ڪراچي 29/33، پشاور 26/39، ڪوئيٽا 23/37، گلگت 18/30، مظفرآباد 21/36، اسڪرڊو 13/28، مري 15/26، فيصل آباد 25/38، ملتان 28/40، سرينگر 19/29، ڄمون 23/34، ليه 12/23، پلوامه 20/28، اننت ناگ 19/29، شوپيان 19/30 ۽ بارامولا ۾ 20/29 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو