اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ پوري پاڪستاني قوم کي 78هين يوم آزادي جي مبارڪباد ڏني آهي.صدر آصف علي زرداري يوم آزادي جي موقعي تي چيو ته اڄوڪو ڏينهن حق خود اراديت جي لاءِ برصغير جي مسلمانن جي لاءِ تاريخي جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان کي پنهنجا اختلاف وساري اتحاد، سالميت ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ پرعزم ٿي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن قانون جي حڪمران برقرار رکڻ ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بنائڻ تي زور ڏنو.آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پنهنجي جائز حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڀارت جي غيرقانوني ۽ قبضي هيٺ جمون، ڪشمير ۽ فلسطين جي عوام جي حمايت جو ارادو ڪرڻ آهي.وزيراعظم شهباز شريف به پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني عوام کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي ابن ۽ ڏاڏن جي تحريڪ پاڪستان جي بيشمار گمنام هيروز کي عظيم قربانين تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. جنهن ڏکڻ ايشيا ۾ لکين مسلمانن جي لاءِ هڪ آزاد ملڪ کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي جيئن هو پنهنجي عقيدي ۽ اقتدار موجب زندگي گذاري سگهن.شهباز شريف چيو ته پاڪستان خوداراديت جي بنيادي حقن کي حاصل ڪرڻ تائين ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ جمون، ڪشمير ۽ فلسطين جي ماڻهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي جائز حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ مظلوم فلسطينين جي حمايت جاري رکنداسين ۽ ان سان گڏ ڪشمير جي به حمايت جاري رکي ويندي.










