اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن ۾ عدم اعتماد تي ديڊ لاڪ پيدا ٿي ويو آهي. ڪنهن کي ڇا ملي ان ونڊ ورهاست تي نٿا ٺهن. شڪر آهي ته اپوزيشن وارا چون ٿا ته فون نه آيو آهي. مان کين چوان ٿو ته عدم اعتماد لاءِ ميمبر ڪٿي رکندا؟ ڇانگا مانگا ۽ مري ۾ ته جاءِ ناهي. جتي هو ميمبرن کي رکندا اسان ان علائقي ۾ فون سروس معطل ڪنداسين جيئن ڪنهن کي ڪو فون نه ڪري سگهي ۽ هي الزام به نه هڻي سگهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌي چيو ته حڪومت لانگ مارچ ۾ ڪا به رڪاوٽ نه وجهندي، مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، هن چيو ته بلاول اسلام آباد اچي رهيو آهي، دعوت ڏيانس ٿو ته لال حويلي اچي، ڪيترا ماڻهو ساڻس گڏ آهن، مخالف ڌر وارا اڳي هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ لاءِ تيار نه هئا، هاڻي سمورا مفاد پرست گڏ ٿي ويا آهن، مخالف ڌر لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي ويو ته ڪيئن ونڊ ورڇ ڪجي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي اتحادين تي اعتماد ۽ فخر آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته جهانگير ترين صحتياب ٿئي، عمران خان مخالف ڌر تي سياسي سائبر حملو ڪندو. هن چيو ته اپوزيشن کي پنهنجي ئي تحريڪ جو نقصان ٿيندو، ڏڦيڙ جا خواب ڏسندڙن جون سياسي قبرون ٺهنديون، هنن جو لانگ مارچ نه لونگ مارچ آهي. شيخ رشيد چيو آهي ته شڪر آهي جو اپوزيشن چوي ٿي ڪابه ڪال ناهي آئي، ادارا ملڪي سلامتي سان ڳنڍيل هوندا آهن، اسان جي اتحادين کي ڇڏي پنهنجي کَٽ هيٺان ٻهارو ڏيو، ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا هڻندڙ ووٽ کي رُسوا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اڃا تائين ووٽ جو ريٽ طئه نه ڪري سگهيا آهن، اپوزيشن لاءِ ونڊ ورڇ ڏُکي ٿي وئي آهي، اڃا فيصلو نه ڪري سگهيا آهن ته ڪاڏي وڃڻو آهي.










