اپوزيشن ڪيمپ ۾ ويندڙن جي نا اهلي لاءِ ڪاروائي ڪريو

اپوزيشن ڪيمپ ۾ ويندڙن جي نا اهلي لاءِ ڪاروائي ڪريو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ترجمانن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ فواد چوڌري، بابر اعواڻ، خسرو بختيار، شهزاد وسيم، حمده ظهير، شبلي فراز، فرخ حبيب، عامر ڊوگر پڻ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير فروغ نسيم، بابر اعواڻ ۽ قانوني مشيرن به اجلاس م شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان منحرف اسيمبلي ميمبرن خلاف اليڪشن ڪميشن سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ قانوني ٽيم کي هدايت ڪئي ته منحرف ميمبرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آئين ۾ واضح لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪو ميمبر پارٽي پاليسي جي خلاف ٿيو ته قانوني ڪارروائي تحت کيس ڊي نوٽيفائي ڪري سگهجي ٿو. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان ڪنهن کي به نه ڇڏيندس، آخري بال تائين وڙهندس. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ميمبرن لاءِ نوٽن جا ڍير لڳايا ويا آهن، ان ڪم تي سنڌ جو پئسو خرچ ٿي رهيو آهي، 3 عورتون مخصوص سيٽ تي اچن ٿيون، اهي ايئن ڪيئن ٿيون ڪري سگهن، آئون بليڪ ميل نه ٿيندس. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته توهان سڀ رليڪس رهو، مون کي جيڪو ڪرڻو آهي اهو ڪندس، 28 تاريخ تي سڀني کي خبر پئجي ويندي، بي اعتمادي جي رٿ ناڪام ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو