اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اپوزيشن اتحاد حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته حڪومت کان مهانگائي ۽ بدامني تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي.اسلام آباد ۾ اپوزيشن پارٽين جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي ڪي ميپ جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، محمد علي دراني، پي ٽي آءِ کان بيرسٽر گوهر، عمر ايوب ۽ اسد قيصر شريڪ ٿيا.جماعت اسلامي ۽ بي اين پي مينگل جو وفد به اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ حڪومت مخالف تحريڪ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب اجلاس ۾ اپوزيشن پارتين جي گڏيل حڪمت عملي لاءِ ٽي او آرز تي به ڳالهيون ٿيون.ذريعن موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته حڪومت کان نه مهانگائي، نه بدامني ۽ نه ئي وري معيشت سنڀلجي سگهي آهي، وقت اچي ويو آهي ته هاڻ اپوزيشن جو اتحاد وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي.اجلاس کان پوءِ ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته مولانا فضل الرحمان به گڏ هلڻ جي لاءِ راضي ٿي ويو آهي، اجلاس جو تفصيلي ايجنڊا بعد ۾ جاري ڪنداسين.










