اپوزيشن جي باهه تي تيل هارڻ واري ڪوشش ناڪام ٿي وئي، بزدار

اپوزيشن جي باهه تي تيل هارڻ واري ڪوشش ناڪام ٿي وئي، بزدار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار چيو آهي ته فرانسيسي سفير جي ملڪ بدري جي لاءِ ٽي ايل پي جي احتجاج بابت اپوزيشن جي باهه تي تيل هارڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي.عثمان بزدار چيو ته مسلمانن جا دل رسول ڪريم صه جي محبت سان  ڀريل آهن ۽ ڪوبه مسلمان نبي پاڪ صه جي شان ۾ گستاخي  برداشت نٿو ڪري سگهي. رب پاڪ حضرت محمد مصطفيٰ صه کي سمورن جهانن لاءِ رحمت بنائي موڪليو ۽ نبي پاڪ صه جي شان ۾ ڪوبه لفظ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي.عثمان بزدار چيو ته جڏهن قوم کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت هئي ان وقت اپوزيشن قوم کي ورهائي رهي هئي. نازڪ مرحلي تي هنن منفي ڪردار ادا ڪيو پر هنن طرفان باهه تي تيل هارڻ وارا ناپاڪ  ارادا ناڪام ٿي ويا. اپوزيشن اڳواڻن معاملي کي حل ڪرڻ بجاءِ خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.عثمان بزدار وڌيڪ چيو ته اپوزيشن پارٽين جو رويو مذمت جوڳو آهي. بدقسمتي سان اپوزيشن جي ڪجهه  پارٽين تازي ناخوشگوار واقعي تي به سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن جو هي غير ذميوارانه رويو تاريخ ۾ هميشه خراب لفظن ۾ ياد رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو