اپوزيشن جو ڪٺ، حڪمت عملي تي اتفاق نه ٿي سگهيو

اپوزيشن جو ڪٺ، حڪمت عملي تي اتفاق نه ٿي سگهيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف بلاول هائوس تي پي پي اڳواڻ آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين جي سينئر اڳواڻن سان گڏ جي يو آءِ جو مولانا اسد الرحمان ۽ اڪرم دراني به شريڪ آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪرڻ، لانگ مارچ کي ڪامياب بنائڻ بابت مختلف تجويزن تي صلاح مشورا ڪيا ويا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ(ن) اها تجويز پيش ڪئي ته جيڪي پي ٽي آءِ جا ميمبر اپوزيشن سان گڏ آهن اهي استعيفا پيش ڪن ته حڪومت جي اڪثريت خود بخود ختم ٿي ويندي ۽ نيون چونڊون ڪرائڻ لازمي ٿي ويندو. پيپلز پارٽي چيو ته ان سان مسئلا وڌندا، هڪ ته اسپيڪر سندن استعيفائون منظور نه ڪندو ۽ ٻيو ته جيڪڏهن اهي منظور به ٿيون ته ضمني چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري سگهن ٿا، آرڊيننس ذريعي ضمني چونڊن تائين عدم اعتماد تي ووٽنگ نه ڪرائڻ جو قانون به آڻي سگهن ٿا. ذريعن موجب پي ڊي ايم اڳواڻن پي پي جي لانگ مارچ جو هر شهر ۾ آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۽ 8 مارچ تي اسلام آباد واري جلسي ۾ شرڪت لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي. عدم اعتماد جي حڪمت عملي تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي ۽ ڌرين پاران پيش ڪيل تجويزن تي مشاورت جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو