اپر دير (ويب ڊيسڪ) اپر دير ۾ رات جي وقت سياحن جي هڪ گاڏي برساتي نالي مان گذرڻ جي ڪوشش دوران بي قابو ٿي نالي ۾ ڪِري پئي. تنهن هوندي به خوش قسمتيءَ سان ڊرائيور سميت گاڏيءَ ۾ سوار سمورا مسافر محفوظ رهيا ۽ ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي.انتظاميا شهريءَ ۽ سياحن کي اپيل ڪئي آهي ته برسات دوران تيز بهاءُ واري نالن ۽ برساتي ريلن کي پار ڪرڻ کان پاسو ڪن، ڇاڪاڻ ته معمولي تڪڙ به موزي (جان ليوا) حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.










