ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان اپريل ۾ سمنڊ پار پاڪستانين پاران موڪليل ڊالرن جي تفصيل جاري ڪري ڇڏي آهي.ان حوالي سان اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين اپريل ۾ 3.5 ارب ڊالر موڪليا، جيڪو مارچ جي مقابلي ۾ اپريل ۾ ترسيل ۾ 7.6 سيڪڙو گهٽتائي آهي.اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته گذريل سال جي مقابلي ۾ اپريل ۾ 11.4 سيڪڙو وڌيڪ پئسا موڪليا ويا. هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ ڪل 33.9 ارب ڊالر پاڪستان موڪليا ويا، جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ 31.2 ارب ڊالر هئا.سعودي عرب مان پاڪستان کي 841.7 ملين ڊالر ۽ گڏيل عرب امارات مان 734.7 ملين ڊالر موڪليا ويا.اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته برطانيه مان پاڪستان کي 563.7 ملين ڊالر ۽ 317.6 ملين ڊالر موڪليا ويا.










