اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ٿيڻ کان پوءِ ڀاڄيون ۽ فروٽ به عوامي پهچ کان پري ٿي ويا آهن.ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٽماٽا به مهانگا ٿي ويا، ٽماٽن جي قيمت ۾ اوچتو وڏو اضافو ٿي ويو آهي، اسلام آباد جي ڏوراهين علائقن ۾ ٽماٽا گذريل ڏينهن 240 روپيه ڪلو وڪرو ٿيندو رهيو. راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ ٽماٽن جي قيمت 260 روپين تائين پهچي وئي، بهاولپور ۾ ٽماٽن جي قيمت 200 روپيه في ڪلو مان وڌي وئي آهي، بهاوالپور ۾ سبزي وڪرو ڪندڙ هٿ ٺوڪئي قيمت وڌائي ڇڏي، ڀاڄيون وڪرو ڪندڙ جو چوڻ هو ته اسان کي منڊي مان ئي مال مهانگو ملي رهيو آهي انهي لاءِ قيمت وڌائيندا آهيون. تازو برسات ۽ ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي عام واهپي واري شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. پهاڙپور ۾ 1400 ۾ وڪرو ٿيندڙ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 2100 تائين پهچي ويو، برائلر مرغي جو گوشت 600 کان 800 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. پهاڙپور ۾ ٽماٽا 270 کان 260 روپيه ڪلو جڏهن ته گوبهي 100 کان 200 روپيه ڪلو، ڀينڊي 200 کان 400 روپيه في ڪلو، بصر 70 کان 200 روپيه في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، شهرين حڪومت کان ذخيرو ڪندڙن ۽ ناجائز منافعي خورن جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف لاهور ۾ ٽماٽن جي سرڪاري قيمت 125 روپيه ڪلو آهي، جڏهن ته بازار ۾ 150 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، ٻئي طرف پٽاٽن جي سرڪاري قيمت 90 روپيه آهي جڏهن ته بازار ۾ 120 روپيه في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. بصر سرڪاري قيمت 70 روپيه آهي بازار ۾ 90 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، ٿوم سرڪاري قيمت 215 آهي جڏهن ته بازار ۾ 250 روپيه في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. ادرڪ سرڪاري قيمت 460 آهي، بازار ۾ 600 روپيه في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.مٽر جي سرڪاري قيمت 240 روپيه آهي، جڏهن ته بازار ۾ 280 روپيه في ڪلو ۾ وڪرو جاري آهي، ڪريلي جي سرڪاري قيمت 270 روپيه آهي جڏهن ته بازار ۾ 300 روپيه في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. فروٽ جو به مهانگي اگهن تي وڪرو جاري آهي. انب جي سرڪاري قيمت 310 روپيه ڪلو آهي، جڏهن ته بازار ۾ 350 روپيه ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. انگور سرڪاري قيمت 310 روپيه آهي بازار ۾ 500 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.صوف جي سرڪاري قيمت 235 روپيه ڪلو آهي جڏهن ته بازار ۾ 390 روپيه في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. ڪيلي جي سرڪاري قيمت 220 روپيه في درجن آهي جڏهن ته بازار ۾ 260 روپين ۾ درجن وڪرو ٿي رهيو آهي. ناشپتي جي سرڪاري قيمت 280 روپيه آهي جڏهن ته بازار ۾ 300 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.










