نئون ڪوٽ(پيارعلي نھڙيو) اٽو ڏينهون ڏينهن مهانگو ٿيڻ خلاف ٻه سئو کان 300 روپيه ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت طبقو سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويو آهي ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب نئون ڪوٽ، نفيس نگر، فضل ڀنڀرو، آهوري، گهگه موري، سلور موري، جهڏو روشن آباد سميت ڪيترن ئي هنڌن تي اٽي جو مڻ 1400 کان وڌي هڪدم 2000 کان 2100 سئو روپيه مقرر ٿيڻ سبب 50 سيڪڙو غريب هاري ۽ مزدور طبقو پيڙهجي ويو آهي اڪثر هنڌن تي غريب گهراڻن ۾ معصوم ٻچڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن. صحافين سان ڳالهائيندي هارين ۽ مزدورن غريب نواز ٽنگڙي، خميسو ڀيل، ڪريم محمد علي ڀان، گشڪوري ڪرشن ڪمار، عطاالله لاشاري ۽ ٻين چيو ته جهڏي تعلقي ۾ 1400 روپيه في مڻ وڪرو ٿيندڙ اٽو هڪدم مهانگو ٿي 2000 کان 2100 سئو روپيه في مڻ وڪرو ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري اسان جا معصوم ٻچڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن هنن سنڌ حڪومت ۽ چونڍيل نمائيندن کان مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت سبسڊي ڀري اٽي جو اگھ 1300 روپيه مقرر ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻ ۽ ڪالم نويس محب ڀيل ٻڌايو ته سنڌ سرڪار فوري طور نوٽيس وٺي اٽي جو اگھ گهٽائي غريب ۽ پورهيت ماڻهن کي بک مرڻ کان بچائي.










