اٽلي کان شڪست بعد اسرائيل فيفا ورلڊ ڪپ مان آئوٽ

اٽلي کان شڪست بعد اسرائيل فيفا ورلڊ ڪپ مان آئوٽ

روم(ويب ڊيسڪ)اٽلي جي شهر اوڊيني (Udine) ۾ فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ اٽلي ۽ اسرائيل جي فٽبال ٽيمون هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ آيون، جتي اٽلي جي ٽيم اسرائيل کي 0-3 جي سخت شڪست ڏئي ٽورنامينٽ جي دوڙ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو. ڪواليفائنگ مرحلي ۾ اسرائيل آچر تي ناروي خلاف پنهنجو آخري ميچ کيڏيو هو، جنهن ۾ کيس 0-5 جي شڪست ملي هئي. اسرائيل کي عالمي ڪپ ۾ جڳهه ٺاهڻ لاءِ پنهنجا ايندڙ ٻه ميچ هر حال ۾ کٽڻا هئا، پر اٽلي کان هارائڻ سان سندس عالمي ڪپ ۾ شرڪت جو خواب ختم ٿي ڪو آهي. واضح رهي ته اسپين جي حڪومت اڳ ئي اهو اشارو ڏنو هو ته جيڪڏهن اسرائيل ڪواليفاءِ ڪري ٿو ته اسپين فيفا ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت کان هٿ کڻي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن اسرائيل واقعي رسائي حاصل ڪري وٺي ها، ته ٻين يورپي ملڪن طرفان به اهڙو ئي فيصلو ٿيڻ جو امڪان هو. رائٽرز موجب، ٻنهي ٽيمون جي وچ ۾ ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ هزارين مظاهرين فلسطيني عوام جي حق ۾ اٽلي جي مختلف شهرن ۾ سڙڪن تي نڪري آيا. مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ اطالوي حڪومت پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي، پر ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ مظاهرين پُرامن طريقي سان منتشر ٿي ويا. بهرحال، ميچ جي پڄاڻيءَ تي ڪجهه مظاهرين پوليس تي دونهين وارا فائر ڪريڪر اڇلايا، جنهن جي جواب ۾ پوليس واٽر ڪينن ۽ آنسو گيس جو استعمال ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو