لاهور: (ويب ڊيسڪ) اسسٽنٽ ڪمشنر پتوڪي فرقان احمد ٻوڏ سبب متاثر علائقي جي دوري دوران دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. پي ڊي ايم اي پنجاب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر پتوڪي فرقان احمد راوي درياءَ ۾ هيڊ بلوڪي ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقي ڏانهن ويل هو انهي دوران کيس دل جو دورو پيو جنهن سبب هو فوت ٿي ويو. پي ڊي ايم اي پنجاب جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مرحوم فرقان احمد جي لاش اسپتال منتقل ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته پنجاب جي ٽنهي دريائن ۾ هن وقت ٻوڏ صورتحال آهي، مختلف حادثن ۾ هينئر تائين 33 ڄڻا فوت ۽ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن.










